ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

الطاف جوکيو ڊاڪٽر

الطاف جوکيو، ڊاڪٽر: محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو سنڌ جي مشھور تعليمدان ۽ اديب، محبوب علي جوکيي جو وڏو فرزند آهي. سندس جنم 22 نومبر 1964ع تي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. ايم اي (سنڌي) ڪرڻ کان پوءِ 2015ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان لسانيات جي موضوع: ”عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس“تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنوري 1986ع کان هاءِ اسڪول ايجوڪيشن ۽ آگسٽ 1997ع کان ڪاليج ايجوڪيشن ۾ تدريس سان سلهاڙيل رهيو. هن وقت ائسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ جو ڊائريڪٽر آهي. سنڌي ٻولي، گرامر، لسانيات، صنائع بدائع ۽ لطيفيات جي موضوع تي هن 80 کان مٿي تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ (ڪراچي)، ’ڪارونجهر‘ (ڪراچي)، ’ڪينجهر‘ (ڄامشورو)، ’سنڌي ٻولي‘ (حيدرآباد)، ماهوار ’پيغام‘ ۽ ٽماهي ’مھراڻ‘ (ڄامشورو) ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’عربي-سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘ (2016ع)، ’عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جا اڀياس‘ (2017ع)، ’عربي-سنڌي اکر جو اڀياس‘ (2021ع) ۽ سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت (2022ع) شامل آهن. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ ٻين ادارن طرفان اوارڊ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.11.22  عيسوي

الطاف جوکيو جو جنم 22 نومبر 1964ع تي محرابپور تعلقي ڪنڊياري ۾ ٿيو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روپ ڪمار گھايل
خواند مير
بيدل مسرور
ساقي سجاولي
سيد محسن علي شاهه بخاري
حجاب امتياز علي
سيال احمد خان
صديق سالڪ برگيڊيئر
ظفر حسن
شفيع محمد چانڊيو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون